اسلام آباد – 25 – ڊسمبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قا??م خان سوري ڪرسمس جي پرمسرت موقعي تي پاڪستان ۾ رهندڙ مسيحي برادري ۽ مسيحي برادري سان تعلق رکندڙ پارليامينٽ جي ميمبرن کي ڪرسمس جون مبارڪون ڏنيون آهن جيڪو هر سال حضرت عيسيٰ جي يوم پيدائش جي موقعي تي سڄي دنيا ۾ عقيدت ۽ احترام سان م??هايو ويندو آهي. ان م??قعي تي اسپيڪر پنهنجي پيغام ۾ چيو ته الله تعاليٰ حضرت عيسيٰ کي محبت، امن، برداشت ۽ ڀائيچاري جي تبليغ لاءِ موڪليو هو. هن چيو ته مسلمان حضرت عيسيٰ ??لي?? السلام ک?? الله تعاليٰ جو پيغمبر مڃيندا آهن ۽ دل سان ان جي تعظيم ۽ احترام ڪندا آهن. هن چيو ته ڪرسمس جو ??ينهن اسان کي نئين اميدون ۽ منصوبن جي شروعات، تحقيقي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ، تڪرارن جي حل ۽ ايندڙ نسلن جي بهتر مستقبل جي لاءِ امن ۽ تعاون کي فروغ ڏيڻ جو درس ڏي ٿو.