اسلام آباد – 18 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان جي احتساب پاليسي واضح آهي، سمورا شهري قانون جي نظر ۾ برابر آهن، چاهي اپوزيشن اڳواڻ هجي يا ??اب??نا جو ميمبر، الزام لڳندا ته جاچ ٿيندي ۽ جوابدهي جو اصول لاڳو ٿيندو، اها ئي نظام جي تبديلي آهي جنهن جو واعدو هو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته عمران خان جي حڪومت ۾ ئي ٿي سگهي ٿو ته جيڪڏهن الزام لڳن ته جاچ ٿيندي آهي، نون ليگ ۽ پيپلزپارٽي جي دور ?? ميڊيا جا گلا ويهي ويندا هئا پر مجال آهي جو جُون به چري، اها ئي نظام ?? تبديلي آهي حڪومتي اهلڪارن کي احتساب جو خوف ٿيڻ گهرجي، طاقتور ترين ??اڻ??ن به قانون کان مٿانهان نه آهن.