اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ??ان ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين ملاقات ڪئي جنهن ۾ ملڪي معاشي صورتحال خاص طور تي قبائلي ضلعن بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان کانسواءِ آبادگارن کي درپيش مسئلن تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته ڪنهن به صورت ۾ آبادگارن جو استحصال برداشت نه ٿو ڪري سگهجي، انهن جي ??فادن جي ??اءِ سمورا قدم کنيا ويندا. هن هدايت ڪئي ته تمباڪو جي آبادگارن کان تمباڪو جي خريداري ۾ رڪاوٽن کي ختم ڪيو وڃي ڇو ته فصلن جي ??قت سر خريدار?? نه ٿيڻ جي ڪري آبادگارن جي ??شڪلاتن ۾ اضافو ٿئي ٿو. اسپيڪر حڪومت جي ??بائلي عوام ۽ غريبن کي پنهنجي ??يرن تي بيهارڻ جي ??دمن کي ساراهيو. ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين چيو ته اڳوڻي فاٽا جي سمورن ضلعن جي ترقي ۽ اتان جي عوام جون محروميون ختم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي، قبائلي ضلعن ۾ معاشي سرگرميون شروع ٿيڻ ??ان روزگار ملندو. هن چيو ته ڪامياب جوان پروگرام ??ان قبائلي نوجوانن کي روزگار ڏينداسين. ناڻي واري وزير چيو ته اڳوڻي فاٽا جو ترقياتي پئڪيج چونڊيل قبائلي قيادت ۽ عوام جي ??شاورت ??ان اڳتي وڌايو ويندو، ڪامياب جوان پروگرام ذريعي قبائلي ضلعن جي ??وجوانن کي قرض ڏينداسين ته جيئن اهي پنهنجو روزگار شروع ڪري سگهن ۽ معاشي لحاظ کان پنهنجي ??يرن تي بيهي سگهن. اسپيڪر چيو ته نئين ضلعن ۾ صحت انصاف ڪارڊ جاري ڪرڻ قبائلي عوام جي ??اءِ حڪومت جو تمام وڏو تحفو آهي.