اسلام آ??اد – 16 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان هد??يت ڪئي آهي ته وفاقي گادي واري شهر اسلام آ??اد ۾ قبضن جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي، وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏ??ڻ تي غور ڪيو وڃي. هن اها هد??يت وفاقي گادي واري شهر سا?? لاڳاپيل معاملن تي اجلاس جي صدارت ڪندي ڏني. اجلاس ۾ منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، سي ڊي اي معاملن بابت خاص مددگار علي نواز اعواڻ، سي ڊي اي چيئرمين عامر علي احمد، ايم اين اي راجا خرم نواز ۽ لاڳاپيل سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اسلام آ??اد ۾ قبضن ۽ ان جي خلاف جاري ڪارروائي تي بريفنگ ڏيندي سي ڊي اي چيئرمين ٻڌايو ته قبضن جو وڏو سبب متفقه ريگوليٽري فريم ورڪ جي کوٽ آهي ڇو ته سي ڊي اي، رجسٽرار سوسائيٽين ۽ ايس اي سي پي جي وچ ۾ ورهايل آهي، وزيراعظم سمورن قاعدن ۽ بلڊنگ بائي لاز کي موثر طور لاڳو ڪرڻ کي يقيني بڻائڻ لاءِ هڪ مضبوط ۽ واحد ريگوليٽري باڊي جي اهميت تي زور ڏنو. هن هد??يت ڪئي ته وفاقي گادي واري شهر ۾ قبضن جي شڪ??يت جي مڪمل خاتمي لاءِ ٺوس ۽ منظم پلان جوڙيو وڃي ۽ ان حوالي سا?? اڳواٽ قدمن کي يقيني بڻائڻ لاءِ ڊرونز سميت جديد ٽيڪنالاجي کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم وڏي پئماني تي وڻڪاري مهم جي ذريعي اسلام آ??اد جي ماحول جي حفاظت تي زور ڏنو. هن هد??يت ڪئي ته وڻڪاري ۽ گرين ايرياز جي تحفظ جي مهم ۾ مقامي ماڻهن جي ڀرپور شرڪت کي يقيني بڻائڻ لاءِ مراعتون ڏ??ڻ تي غور ڪيو وڃي.