اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغ??نس??ان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. اهڙو اظهار هن پنهنجي چيني هم منصب وانگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغ??نس??ان جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيهي وزير چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغ??نس??ان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انتهائي ضروري آهي، ان جي ر??شني ۾ پاڪستان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پرڏيهي وزير افغ??نس??ان جي صورتحال ۽ آئينده جي لائحه عمل جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري آهي ته افغان عوام ۽ ان جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
پرڏيهي وزير زور ڀريو ته افغ??نس??ان جو جامع سياسي تصفيه ضروري آهي جنهن جي لاءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻٽر آهي، پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي افغ??نس??ان جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پرڏيهي وزير پنهنجي چيني هم منصب کي افغ??نس??ان مان مختلف ملڪن جي سفارتي ۽ عالمي اد??رن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کان آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين لوهي ڀائر ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي ويجها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي ر??ايت موجود آهي. پرڏيهي وزير چيني پرڏيهي وزير کي افغ??نس??ان جي بدلجندڙ صورتحال تي علائقائي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ پنهنجي متوقع دورن کان تفصيلي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونصلر زانگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغ??نس??ان جي بدلجندڙ صورتحال تي ويجها رابطا برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.