اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس ايند انڊسٽريز جي ڪاروباري اعت??اد جي سروي ۾ پاڪستان جي رينڪنگ جي بهتري تي خوشي جو اظهار ڪندي چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪاروبار ل??ءِ سازگار ما??ول تي خاص طو?? تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعت??اد ۾ نمايان اضافو ٿيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته معاشي محاذ تي وڌيڪ خوشخبري آئي آهي. اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز او آءِ سي سي آءِ جي ڪاروباري اعت??اد جي سروي (بي سي آءِ) ۾ پاڪستان مئي 2020ع جي منفي 50 سيڪڙو مان بهتر ٿي 59 سيڪڙو جي بهتري سان گڏ 9 تي بيٺل آهي، وزيراعظم چيو ته اوورسيز چيمبرز آف ڪامرس اينڊ انڊسٽريز جي ميمبرن جو اعت??اد 108 سيڪڙو جي انقلابي تبديلي سان 2020ع جي منفي 74 سيڪڙو جي مقابلي ۾ 34 سيڪڙو ٿي چڪو آهي. وزيراعظم چيو ته ڪاروبار خاص طو?? تي ٻاهرين سيڙپڪارن جي اعت??اد ۾ اهو ڊرامائي اضافو آهي.