اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته اها به فيڪ نيوز آهي ته پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس آڻي رهيا آهيون يا ڪو مسودو تيار آهي، اسان پاڪستان مي??يا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) تي مشاورت ڪري رهيا آهيون، سب ڪميٽي جي سربراهه مريم اورنگزيب پاران احتجاجي ڪيمپ ۾ وڃي پي ايم ڊي اي کي ڪارو قانون چئي رد ڪيو ويو، ڇا اهو سٺو ??ه ٿئي ها ته سب ڪميٽي ڪميٽي جي سربراهه غير جانبدار رهي ها ۽ پنهنجو موقف ان فورم تي پيش ڪري ها، اسان جي اميد هئي ته مشاورتي عمل ۾ بامعنيٰ بحث جي ذريعي اڳتي وڌون، پي ايم ڊي اي تحت مي??يا بابت ادارا هڪ ڇٽي هيٺ گڏ ڪرڻ کانپوءِ ڪنهن ملازم کي فارغ نه ڪيو ويندو. هو قومي اسيمبلي جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي سب ڪميٽي ۾ پي ايم ڊي اي فريم ورڪ تي بريفنگ ڏئي رهيو هو، سب ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪميٽي جي چيئرم??ن مريم اورنگزيب ڪئي، جڏهن ته ڪميٽي ميمبر ڪنول شوزب ۽ نفيسه شاهه به موجود هيون، اجلاس ۾ پي بي اي، سي پي اين اي، اي پي اين ايس، پي ايف يو جي ۽ صحافتي تنظيمن جا عهديدارن شريڪ هئا ۽ پنهنجون پنهنجون تجويزون پيش ڪيون، مملڪتي وزير فرخ حبيب ٻڌايو ته پي ايم ڊي اي فريم ورڪ تي پي بي اي، اي پي اين ايس، سي پي اين اي ۽ ملڪ جي پنج وڏن پريس ڪلبن، پي ايف يو جي سميت سمورن لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت ڪئي وئي آهي، هن چيو ته پيمرا، اي بي سي، پريس رجسٽرار، پريس ڪائونسل، موشن پيڪچر ۽ ٻي مي??يا بابت ادارا آهن، انهن کي پي ايم ڊي اي جي ڇٽي هيـٺ گڏ ڪرڻ وڃي رهيا آهيون، ان سان نه رڳو بجيٽ گهٽ ٿيندو پ?? پراسيس ۾ آساني پيدا ٿيندي، هن چيو ته مي??يا ڪمپلي??ٽ ڪميشن ۾ اليڪٽرانڪ، پرنٽ ۽ ڊجيٽل مي??يا سان جڙيل صحافين ۽ مي??يا ورڪرز جي درخواستن تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، مي??يا ڪمپلي??ٽ ڪميشن جو فيصلو مي??يا ٽربيونل ۾ چئلينج ڪري سگهجي ٿو جتان 21 ڏينهن ۾ فيصلو ٿيندو، ان فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چئلينج ڪري سگهبو، پاڪستان مي??يا ڊولپمينٽ اٿارٽي ڪنهن به صورت ۾ مي??يا ڪمپلي??ٽ ڪميشن تي اثر انداز نه ٿيندو. هن چيو ته مي??يا ڪمپلي??ٽ ڪميشن جي لاهور، ملتان، سکر، ڪراچي، ڪوئيٽا، پشاور ۽ اسلام آباد ۾ موجودگي هوندي، هن چيو ته او ٽي ٽي پليٽ فارم تي اسان جو مقامي ڪانٽينٽ بلڪل به نه آهي، اسان پي ايم ڊي اي لاءِ آف ڪام، سنگاپور ۽ ملائيشيا ماڊل کان رهنمائي ورتي آهي، هن چيو ته صحافي ۽ مي??يا ورڪرز جو مطالبو آهي ته پگهارن ۽ ويج بورڊ جو مسئلو حل ڪريو، هن چيو ته اها به فيڪ نيوز آهي ته پي ايم ڊي اي تي ڪو آرڊيننس آڻي رهيا آهيون يا ڪو مسودو تيار آهي، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته اڄ پيمرا، پريس ڪائونسل سميت موجوده قانونن کي مضبوط بڻائڻ جي ڳالهه ڪئي وئي، هن چيو ته ڊجيٽل مي??يا کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻي رهيا آهيون، او ٽي ٽي پيلٽ فارم کي ليگل ڪور ڏيڻ چاهيون ٿا، ڊجيٽل مي??يا کي لائسنسنگ نه ڪري رهيا آهيون ان کي رجسٽرڊ ٿيڻو پوندو. هن چيو ته فيڪ نيوز تي تعميري بحث وقت جي اهم ضرورت بڻجي چڪو آهي ، ڪميٽي ميمبر ڪنول شوزب چيو ته سب ڪميٽي جي چيئرم??ن مريم اورنگزيب جانبداري جو مظاهرو ڪندي پي ايم ڊي اي کي مشاورت کان پهرين ئي رد ڪيو، مريم اورنگزيب جي سب ڪميٽي جي سربراهي تي سواليه نشان بڻجي چڪو آهي، ڪميٽي جي ميمبر نفيسه شاهه چيو ته ڪنول شوزب جو احتجاج بلڪل ٺيڪ آهي، جيڪڏهن ان معاملي تي سب ڪميٽي ٺهي آهي ته ان تي ان حوالي سان معاملا بحث هيٺ آڻڻ گهربا هئا، پي ايف يو جي جي صدر پرويز شوڪت چيو ته پاڪستان جي مي??يا ۾ نه ملازمت ڏيڻ جو قانون آهي نه ئي ڪڍڻ جو ڪو قانون آهي، صحافي ۽ مي??يا ورڪرز 10، 10 مهينن کان پگهارن کان محروم آهن، اوچتو مي??يا ادارن مان ڪڍيو ويندو آهي ۽ چوڪيدار کي چئي آفيس داخلا تي پابندي لڳائي ويندي آهي، بقايائون نه ڏنيون وينديون آهن، پي ايف يو جي پروفيشنلز جي صدر مظهر اقبال چ يو ته اسان پي ايم ڊي اي کي رد نٿا ڪريون، ان جي تجويزن تي ڳالهائڻ چاهيون ٿا، آءِ ٽي اين اي ۾ 10، 10 سال ڪيسز التوا ۾ رهندا آهن، فيصلا ناهن ٿيندا، هن چيو ته پاڪستان مي??يا ڊولپمينٽ اٿارٽي (پي ايم ڊي اي) صحافين ۽ مي??يا ورڪرز لاءِ هڪ نعمت آهي، پهريون ڀيرو صحافين ۽ مي??يا ورڪرز کي پگهارن جي عدم ادائيگي ۽ ڪنٽريڪٽ تي عمل نه ڪرڻ تي 21 ڏينهن ۾ فيصلو ملي سگهندو، پي ايف يو جي جي صدر افتخار مشواني چيو ته اسان هر ان قانون جي آجيان ڪنداسين جيڪو صحافين ۽ ميِڊيا ورڪرز جي مفاد ۾ هوندو، گذريل ڪجهه سالن ۾ هزارين صحافين ۽ مي??يا ورڪرز کي نوڪرين تان فارغ ڪيو ويو، ڪنول شوزب چيو ته سب ڪميٽي جي ايندڙ اجلاس ۾ ٻين تنظيمن کي به ٻڌنداسين، ڪميٽي جي چيئرم??ن مريم اورنگزيب چيو ته جرنلسٽس اينڊ مي??يا پروفيشنلز پروٽيڪشن بل کي جلد انساني حقن بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي مان پاس ڪرائي ايوان ۾ آڻي اتفاق راءِ سان منظور ڪرائينداسين، سموريون لاڳاپيل ڌريون 21 سيپٽمبر تائين پنهنجون تجويزون تحريري طور تي سيڪريٽريٽ موڪلين.