اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي نگران وزيراعظم، وزيرن، سينيٽرز ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي صدر ۽ وزيراعظم، چئني صوبن جي گورنرز ۽ وڏن وزيرن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي جي لاءِ تعاون ۽ آڪٽوبر ۾ گلابي ربن پائڻ جي درخواست ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب خط ۾ ص??ر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ڇاتيءَ جي ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ توهان جو تعاون خاطرخواهه اثر وجهي سگهي ٿ??، پاڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري هر سال 40 هزار فوتگيون ٿين ٿيون، پ??ڪستان ۾ ڇاتيءَ جي ڪينسر جي ڪري موت جي شرح سڄي ايشيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي. هن چيو ته وڌيڪ موت جي شرح جو سبب مرض جي دير سان تشخيص هجڻ آهي، پنهنجو معائنو پاڻ ڪرڻ بابت آگاهي سان ڪيتريون ئي جانيون بچائي سگهجن ٿيون، آڪٽوبر جو مهينو هر سال ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ملهايو و??ي ٿو، هن مهيني بريسٽ ڪينسر تي آگاهي پيدا ڪري اسان هڪ صحتمند ۽ باخبر معاشري جي جوڙجڪ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهون ٿا.