اسلام آباد – 28 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شه??از شريف شه??اده منصور بن سعود بن عبدالعزيز جي والده جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪندي سعودي شاهي خاند??ن سان دلي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. سوشل ميڊيا ايڪس تي پنهنجي پوسٽ ۾ هن چيو ته شه??اده منصور بن سعود بن عبدالعزيز جي والده جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي گهرو ڏک ٿيو. حرمين شريفين جي نگران شاهه سلمان بن عبدالعزيز آل سعود، ولي عهد ۽ وزيراعظم محمد بن سلمان، شه??اده منصور بن سعود بن عبدالعزيز ۽ شاهي خاند??ن سان دلي تعزيت ڪريان ٿو. هن مرحومه جي روح جي ايصال ثواب لاءِ دعا پڻ ڪئي.