ڪراچي – 23 نومبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چي?? آهي ته سي پيڪ جي قرضن جي حوالي سان آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز ج?? بيان ته سي پيڪ قرضن جي ڪري پا??ست??ن جي ترقي محدود ٿي ويندي، حقيقت جي منافي آهي، هن وقت پرڏيهي قرض 74 ارب ڊالر آهي جڏهن ته چي?? جو قرض 18 ارب ڊالر آهي، چي?? جو مجموعي قرض پرڏيهي قرضن جي هڪ ڀاڱي ٽي کان به گهٽ آهن، چي?? کان ور??ل قرض نه فقط وياج جي گهٽ شرح تي آهي پر ڊگهي مدي وارو به آهي، سي پيڪ جو قرض مجموعي قرض جو 7 سيڪڙو آهي، سي پيڪ تحت ملڪ ۾ 9 اسپيشل اڪنامڪ زون ٺهندا، جنهن سان لکين ماڻهن کي روزگار ملندو، وزيراعظم عمران خان جي وڏي ڪاميابي اها آهي ته هن پرڏيهي پاليسي ۾ پا??ست??ن جي مفادن کي مٿانهون رکيو آهي، چي?? سان دوستي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻو آهي ۽ سي پيڪ کي وڌيڪ اڳتي وٺي هلڻو آهي، آمريڪا سوڌو دنيا جو ڪو به ملڪ پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ چاهي ٿو ته اسين ان جي آجيان ڪنداسين. انهن خيالن جو اظهار هن ڪراچي پريس ڪلب ۾ آمريڪا جي ڏکڻ ايشيا بابت معاون پرڏيهي وزير ايلس ويلز پاران سي پيڪ بابت بيان تي ردعمل ڏيندي ڪيو.