اسلام آباد – 28 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان بلوچستان عوامي پارٽي (بي اي پي) جي وفد ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ ??ار??ن جاري بيان موجب وفد ۾ وفاقي وزير زبيده جلال، احسان الله ريڪي، خالد حسين مگسي، محمد اسرار ترين ۽ روبينه عرفان شامل هئا. ان موقعي تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي، دفاع واري وفاقي وزير پرويز خٽڪ، تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود کانسواءِ قومي اسيمبلي جو ڊپٽي اسپيڪر قاسم سوري ۽ ق??مي اسيمبلي ۾ حڪمران اتحاد جو چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر پڻ موجود هئا.