اسلام آباد – 02 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ لاڳاپن ۽ ويجهي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجائي??دي ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ??يترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي ساراهيو آهي. هن اها ڳالهه ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليف??ن تي ڳالهائي??دي چئي. ترڪيءَ جي صدر عيدالاضحيٰ جي خوشي جي موقعي تي وزيراعظم عمران خان کي ٽيليفون ڪيو. ٻنهي اڳواڻن هڪ ٻئي کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏني ۽ ٻنهي ملڪن جي عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. وزيراعظم آ??ا صوفيه کي نماز جي لاءِ ٻيهر کولڻ تي صدر اردوان کي مبارڪباد ڏني ۽ ترڪيءَ جي صدر کي ٻڌايو ته لکين پاڪستانين ٽيليويزن تي اهو منظ?? سڌوسنئون ڏٺو آهي. ڳالهه ٻولهه ۾ ٻنهي اڳواڻن مختلف معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ٻنهي ملڪن جي اعليٰ سطح جي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي ڇهين اجلاس جي موقعي تي ترڪيءَ جي صدر طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جو حوالو ڏي??دي وزيراعظم ترڪيءَ سان سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي فروغ ڏيڻ جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم عمران خان ڪوويڊ 19 جي خلاف عالمي مهم ۾ ڪردار ۽ پاڪستان سميت ??يترن ئي ملڪن کي امداد ڏيڻ تي ترڪيءَ کي سارهيو.