اسلام آباد – 24 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاهور ميٽرو منصوبي جي حوالي سان پنجاب حڪومت پاران ڪيل بهتر معاهدي تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو آهي ته موجوده حڪومت شفاف معاهدن ۽ ع??ام جي هڪ هڪ پائي جو مناسب ا??تعمال يقيني بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ه?? هائوسنگ، ڪنسٽرڪشن اينڊ ڊولپمينٽ بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ??ميٽي جي هفتيوار اجلاس جي صدارت دوران ڳالهائيندي ڪيو.