اسلام آباد-28 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشيءَ سان ڊاڪٽر عبدالله عبدالله جي ملاقات ۾ افغان مفاهمتي عمل، بين ??لافغان ڳالهيون ۽ گڏيل دلچسپيءَ جا معاملا بح?? هيٺ آيا. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي پاڪستان جي د??ري تي آيل افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله ۽ ان جي وفد جي اعزاز ۾ مانجهاندو ڏنو. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي افغان اعليٰ سطحي مفاهمتي ڪائونسل جي چيئرمين ڊاڪٽر عبدالله عبدالله وچ ۾ پرڏيهي وزارت ۾ غير رسمي ڳالهه ٻولهه ٿي. قومي اسيمبليءَ جي قائمه ڪميٽي جو چيئرمين ??حسان الله توانا پڻ ان موقعي تي موجود هو.