اسلام آباد – 04 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام گذريل 70 سالن کان پنهنجو خودمختي??ري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪري رهي آهي، ڀارت غيرقانوني ۽ ظالماڻن قدمن ذري??ي والاريل ڪشمير تي جابراڻو ڏاڍ قائم ڪري رکيو آهي، پاڪستان ڪشميري عوام جي اخلاقي، سياسي ۽ سفارتي حمايت ج??ري رکندو، ڀارت انتهاپسنداڻي هندوتوا سوچ جي ور چڙهيل آهي ۽ باهه سان کيڏي رهيو آهي، عال??ي برادري والاريل ڪشمير جي عوام کي انهن جي خودمختي??ري جو حق ڏيارڻ ۽ ڀارت جي اندر مسلمانن جي خلاف امتيازي سلوڪ بند ڪرائڻ جي لاءِ ڪردار ادا ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ ڪشمير سان يڪجهتي جي ڏهاڙي جي حوالي سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪن??ي ڪيو.