اسلام آباد – پهرين اپريل (اي ??ي پي) وزيراعظم عمران خان ڪرونا وائرس جي خلاف جنگ ڪندڙ ڊاڪٽرن کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته حڪومت ۽ پوري قوم انهن سان گڏ بيٺل آهي، ڊاڪٽرن جي حفاظت يقيني بڻائڻ جي لاءِ هر ممڪن قدم کڻنداسين، پاڪستان ۾ اها وبا ٻين ملڪن جي مقابلي ۾ گهٽ پکڙي ۽ فوتگين جي شرح پڻ ت??ام گهٽ آهي، ماضي ?? صحت جي شعبي کي نظرانداز ڪيو ويو جڏهن ته هاڻي سهولتن جي فراهمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهيا آهن. اهڙن خي??لن جو اظهار هن ڪنٽونمينٽ جنرل اسپتال راولپنڊي جي افتتاح جي موقعي تي ڳالهائيندي ڪيو.