اسلام آباد – 13 اپريل (اي پي پي) نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ جن??ل محمد افضل چيو آهي ته پاڪستان ۾ داخل ٿيندڙن جي موثر چيڪنگ جو نظام جوڙيو آهي، اين 95 ماسڪ کانسواءِ سمورو حفاظتي سامان ملڪ ۾ تيار ٿي رهيو آهي، روزانو 50 هزار کان وڌيڪ ٽيسٽ ڪرڻ جي صلاحيت حاصل ڪري ورتي آهي. اهڙن خيالن جو ??ظهار هن صحت جي عالمي اداري پاران پاڪستان کي طبي حفاظتي سامان جي فراهمي جي موقعي تي تقريب کي خطاب ڪ??دي ڪيو. ان موقعي تي ڊبليو ايڇ اي جي نمائ??دي سامان اين ڊي ايم اي جي عملدارن جي حوالي ڪيو جنهن ۾ حفاظتي سامان ۾ 15 ٽيسٽنگ مشينون ۽ 15 هزار ڪٽس شامل آهن.