اسلام آباد – 09 جولاءِ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ سڌارن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته ڪراچي اسان جو آهي ۽ ڪراچي کانسواءِ پاڪستان نه آهي، ڪراچي ۾ بجلي ۽ ٻين مسئلن جي حل لاءِ وفاقي حڪومت هنگامي بنيادن تي ق??م کڻي رهي آهي. قومي اسيمبلي ۾ ڪراچي ۾ بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ ۽ ڪي اليڪٽرڪ جي معاملن تي ڌيان ڇڪايو نوٽيس تي ڊگهي بحث ۾ حصو وٺندي هن چيو ته ايوان ۾ لفظن جي چونڊ مناسب هجڻ گهرجي، منهنجي سنڌ حڪومت کي در??وا??ت آهي ته اسلم خان جي گهر تي فائرنگ جي واقعي جو نوٽيس وٺ??، هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ جي نجڪاري مسلم ليگ (ق) جي دور ۾ ٿي، پنج سال پيپلزپ??رٽ?? جي حڪومت رهي ۽ پيپلزپ??رٽ?? جو بجلي وارو وزير راجا پرويز اشرف جيڪو هن ايوان ۾ موجود آه??، هن ڪي اليڪٽرڪ ۾ مجرماڻيون ڪاررواين کي ڇو نه پڪڙيو، مسلم ليگ (ن) جي حڪومت جي بجلي واري وزير ??وا??ه آصف به هتي آه??، هن ايڪشن ڇو نه کنيو.