لاهور – 18 جولاءِ (اي پي پي) وز??راعظم عمران خان جي صدارت ۾ پنجاب صوبي ۾ صحت جي شعبي جي ترقي جي حوالي سان اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ پنجاب جي وڏي وز??ر سردار عثمان بوزدار، صحت واري صوبائي وز??ر ڊاڪٽر ياسمين راشد، ناڻي واري صوبائي وز??ر مخدوم هاشم جوان بخت، اطلاعات واري صوبائي وز??ر فياض الحسن چوهاڻ ۽ سينيئر آفيسرن وز??راعظم عمران خان جي لاهور جي دوري جي موقعي تي ٿيندڙ اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب اجلاس دوران وز??راعظم عمران خان کي پنجاب ۾ صحت جي شعبي ۾ جاري ۽ نئين تجويز ڪيل صحت جي منصوبن جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. وز??راعظم صحت جي شعبي ۾ جاري منصوبن جي جلد کان جلد معياري پڄاڻي ۽ سمورن دستياب وسيلن کي استعمال ۾ آڻڻ جي هدايت ڪندي چيو ته صوبي جي سمورين اسپتالن ۾ معياري سهولتن جي فراهمي ۽ صفائي سٿرائي جي حوالي سان فوري قدم کنيا وڃن. هن صحت سهولت پروگرام تح?? عوام کي انشورنس جي ڪامياب فراهمي تي اطمينان جو اظهار به ڪيو. وز??راعظم چيو ته ماضي ۾ صحت جي شعبي کي فنڊز فراهم نه ڪيا ويا ۽ نظرانداز ڪيو ويو جنهن جو خميازو عام ما??هو ڀوڳي رهيو آهي.