??اد??-09 آگسٽ (اي پي پي) پي ٽي آءِ جي مرڪزي اڳواڻ ۽ پارلياماني ليڊر حليم عادل شيخ ??اد?? ضلعي جي جوهي واري علائقي ۾ پهتو ۽ نئين گاج جي پاڻي سبب متاثر ٿيل ڪٽنبن سان ملاقات ڪئي ۽ انه?? کي هر ممڪن سهڪار جو يقين ڏياريو. جڏهن ته ٻوڏ و??ري صورتحال ۽ ام??اد?? ڪمن جو جائزو ورتو. هن چيو ته بلوچستان مان ايندڙ پاڻي نئين گاج ۽ منڇر ڍنڍ ۾ ويندو آهي. سنڌ جي نااهل حڪمرانن اهو معلوم به نه ڪيو ته هن ڀيري پاڻي وڌيڪ ايندو ۽ اهڙي ٻوڏ و??ري صورتحال پيدا ٿيندي. ٻوڏ و??ري صورتحال سبب 200 کان وڌيڪ ڳوٺ پاڻي هيٺ اچي ويا آهن جڏهن ته وڏي تعداد ۾ چوپايو مال پڻ پاڻي ۾ ٻڏي ويو آهي. هن چيو ته متاثرين جي هر ممڪن مدد ڪئي ويندي. سنڌ جي اداري پي ايم ڊي سميت مختلف ٻين ادار?? کي اڳ ۾ پهچڻ گهرجي ها. حليم عادل شيخ چيو ته اهو سنڌ جي وڏي وزير جو تڪ آ??ي جڏهن ته هتان جو ڪو به والي وارث ناهي. گذريل ڏينهن رهواسي وڻن تي چڙهي مدد گهري رهيا هئا. هن چيو ته مدد لاءِ فوجي ٽيمون پهچي ويون آهن، فوجي جوان علائقي واسين جي مدد ڪري انه?? کي محفوظ جاين تي پهچائي رهيا آهن ۽ کائڻ پيئڻ جو سامان پهچايو پيو وڃي.