اسلام ??باد – 08 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته وفاق جي بار بار چوڻ جي باوجود سنڌ حڪومت سرڪاري ڪڻڪ رليز نه ڪري رهي آهي، ان سان سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا مڻ ۽ 20 ڪلو جو اٽي جو ٿيلهو 1500 روپين تائين پهچي چڪو آهي، بلاول حڪومت سنڌ جي عوام کي م??في?? جي رحم ڪرم تي ڇڏي ڏنو آهي، عوام ??رفان راءِ اچي ٿي پر اهڙي قدمن طرف نه وينداسين جنهن سان غير جمهوري رويو سامهون اچي، وفاق سنڌ جي عوام کي نه پهرين اڪيلو ڇڏيو آهي ۽ نه هاڻي اڪيلو ڇڏيندو. هو بحري معاملن واري خاص مددگار محمود مولوي ۽ سنڌ مان ايم اين اي سيف الرحمان سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو. اطلاعات ۽ نشريات واري ??مل??تي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت ڪڻڪ ۽ اٽي جي معاملي ۾ عوام ??ي ظلم ڪري رهي آهي، سنڌ حڪومت هر سال عوام ??ي ٽيڪس مان خريداري ڪئي، سرڪاري ڪڻڪ وقت سر ر??يز ناهي ڪندي، هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ سرڪاري اگهه 1950 روپين تي ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي وئي، ان سان اٽي جي قيمتن ۾ استحڪام ??هيو، اڄ به پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ 20 ڪلو اٽي جو ٿيلهو 1100 روپين جو آهي، هن چيو ته پيپلزپارٽي سنڌ ۾ 13 سالن کان حڪومت ڪري رهي آهي، سنڌ جي عوام ??ان دشمني جاري آهي، بلاول زرداري جي سنڌ حڪومت عوام کان ٻن ويلن جي ماني به کسي رهي آهي، هن چيو ته 5 آڪٽوبر تي غذائي تحفظ واري وزارت سنڌ حڪومت کي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪرڻ لاءِ ٻيهر خط لکيو پر اڃان تائين ان تي عمل ناهي ٿيو. سنڌ حڪومت کي ڪو فرق نٿو پوي عوام کي ڪڻڪ، اٽي م??في?? جي رحم ڪرڻ تي ڇڏي ڏنو آهي، سنڌ حڪومت پاران سرڪاري ڪڻڪ وقت سر ر??يز نه ڪرڻ جي ڪري اڄ سنڌ ۾ ڪڻڪ 2400 روپيا في مڻ ۽ اٽي جو 20 ڪلو جو ٿيلهو 14 سو کان 15 سئو روپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي ان جا ذ??يدار سنڌ حڪومت ۽ بلاول آهن، اهي وقت اگهه وٺندڙ م??في??ز جي پٺڀرائي ڪري رهيا آهن. بلاول ٻڌائي آخر ڪيستائين سنڌ جي عوام کي م??في?? جي رحم ڪرڻ تي ڇڏيندو، پنجاب جي آبادي سڀ کان وڌيڪ آهي، ان جي باوجود سرڪاري ڪڻڪ وقت سر جاري ڪئي ۽ نتيجا اٽي جون قيمتون گهٽ آهن، سنڌ حڪومت کان مطالبو آهي ته فوري طور تي سرڪاري ڪڻڪ رليز ڪري، سنڌ حڪومت ٻڌائي ته سرڪاري ڪڻڪ ڪٿي آهي، پاڻ چوري ڪندا آهن ۽ هڻندا ڪوئن تي آهن، سنڌ جا ڪوئا به 13 ارب روپين جي ڪڻڪ کائي ويا، پيپلزپارٽي حڪومت جو چوري ڪيل پئسي مان پيٽ ڪڏهن نه ڀرجندو، هن چيو ته موجوده حڪومت ڏيڍ سال ۾ 30 ارب روپين جي سبسڊي ڏني، هڪ ڪروڙ 20 لک ماڻهن کي سڌو سنئون سبسڊي ڏيڻ وڃي رهيا آهيون، طريقيڪار طئي ٿي رهيو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت کي ٽن سالن ۾ اين ايف سي جي مد ۾ 19 سئو ارب روپيا فراهم ڪيا آهن، ٻڌايو وڃي ته اهي ڪٿي استعمال ٿيا، هن چيو ته ڪراچي ٽرانسفرمشن پلان، گرين لائين بس سروس، ايئرپورٽ، نالن جي ري ماڊلنگ، ڪراچي فريٽ ڪوريڊور، سرڪلر ٽرين، اندروني سنڌ ترقي منصوبن تي وفاق ڪم ڪري رهيو آهي، احساس ڪيش پروگرام ??حت سڀني کان وڌيڪ 66 ارب سنڌ جي عوام ۾ ورهايا ويا، هن چيو ته 1967ع کانپوءِ پاڪستان ۾ ڪو وڏو ڊيم نه ٺهيو اسان جي حڪومت 10 وڏن آبي ذخيرن تي ڪم ڪري رهي آهي، هن چيو ته نومبر کان فيبروري وڌيڪ بجلي استعمال ڪندڙن کي 5 کان 7 روپيا في يونٽ سبسڊي ڏيندي.