لاهور – 04 ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سيالڪوٽ واقعي جي ذميوارن کي عبرتناڪ سزا ڏني ويندي ته جيئن مستقبل ۾ اهڙي قسم جي واقعن جي روڪٿام ڪري سگهجي. هو هتي ايمرجنسي سروسز اڪيڊمي لاهور ۾ انٽرنيشنل والنٽيئرز ڊي جي موقعي تي ايوارڊز ورهائڻ واري تقريب ۾ صحافين سان ڳالهائي ره??و هو. فرخ حبيب چيو ته پول??س واقعي جي ٻن مرڪزي جوابدارن کي گر??تار ڪرڻ کانسواءِ ان سلسلي ۾ 110 ماڻهن کي گر??تار ڪيو آهي. هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي ناموس رسالت ﷺ جو ڪ??س وڙهي ره??و آهي. هن وڌيڪ چيو ته عوام قانون کي هٿ ۾ نه کڻي ۽ رياست جي رٽ کي تسليم ڪري. هن ماڻهن جي ذهنيت کي بدلائڻ جي ض??ور?? تي زور ڏنو ۽ چيو ته ان سلسلي ۾ گڏيل ڪوششن جي ض??ور?? آهي. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته واقعي جي حوالي سان ٺوس انڪوائري ڪئي پئي وڃي. تحريڪ لبيڪ پاڪستان (ٽي ايل پي) بابت هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته جيستائين ان جو تعلق آهي موجوده حڪومت عوام جي وسيع تر مفاد ۾ ڳالهه ٻولهه جو آپشن چونڊيو.