ملتان – 10 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان هڪ ذميدار ملڪ آهي ان کي خطي ۾ پنهنجي ذميداري جو ڀرپور احساس آهي ۽ هتي رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي، ??يالڪوٽ سا??حي جي مذمت ڪريون ٿا، عالم ۽ سمورن مڪتب فڪر سا?? تعلق رکندڙ طبقا به ان واقعي جي نه رڳو مذمت ڪن پر لاتعلقي جو اظهار ڪن، هڪ طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوششن ۾ لڳل رهندو آهي، ??هو پنهنجي ناپاڪ ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو، آستانن مان سدائين محبت، رواداري، ??خوت ۽ امن جو درس مليو آهي، ??رس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ننڍي کنڊ جي عظيم روحاني پيشوا حضرت شاهه رڪن عالم سهروردي ملتاني جي 708 هين سا??ياني عرس جي تقريب جي موقعي تي ڪيو. پرڏيهي وزير چيو ته آئون عرس ۾ شرڪت ڪندڙ زائرين کي خوش آمديد چوان ٿو ۽ انهن جي اوليا الله سا?? عقيدت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو، هن چيو ته ان پُروقار محفل ۾ سا??حي سيالڪوٽ تي پنهنجو ۽ حڪومت پاڪستان جو موقف واضح ڪرڻ چاهيان ٿو ته اسان ان جي ڀرپور مذمت ڪريون ٿ?? ۽ ??اقعي ۾ ملوث جوابدارن کي قرار واقعي سزا ملندي، ??سان جو عدل جو نظام انهن ماڻهن کي سخت سزا ڏيندو.هن چيو ته ڪو به واقعو پاڪستان ۾ ٿيندو آهي ته هڪ مخصوص طبقو پاڪستان کي بدنام ڪرڻ جي ڪوشش ڪندو آهي ۽ هو دنيا جي سا??هون ابتڙ واقعا پيش ڪندو آهي اسان کي انهن کان محتاط رهڻو پوندو ۽ اهو پنهنجي ارادن ۾ ڪامياب نه ٿيندو. هن چيو ته مون برسلز ۾ پاڪستان جو موقف واضح ڪندي چيو ته اهڙا واقعن جو نه ته اسلام ۽ نه ئي پاڪستان جو آئين ۽ قانون اجازت ڏي ٿو، هن چيو ته پاڪستان ۾ رهندڙن جي اڪثريت اعتدال پسند آهي ۽ سمورا مڪتب فڪر جي علماءِ مشائخ ۽ عام شهرين سيالڪوٽ واقعي جي ڀرپور مذمت ڪئي ڇو ته ڪو به معاشرو ۽ مذهب اهڙن واقعن جي اجازت نٿو ڏي.