اسلام آباد – 19 جنوري (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان ابوظهبي جي ولي عهد ۽ متحده عرب امارات جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر محمد بن زيد کي ٽيليفون ڪئي ۽ 17 جنوري 2022ع تي ابوظهبي ۾ شهري سهولتن جي مرڪز تي حوثي ويڙهاڪن جي المناڪ دهشتگرداڻي حملي جي شديد مذمت ڪئي ۽ متحده عرب امارات جي قيادت، حڪومت ۽ عوام س??ن يڪجهتي جو اظهار ڪيو. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ون?? مان جاري ??يا?? موجب وزيرا??ظم ان موقعي تي چيو ته اهڙن حملن جو ڪو به جواز نه آهي ۽ اهڙن حملن کي فوري روڪڻ جي ضرورت آهي جيڪي علائقائي امن ۽ سلامتي لاءِ شديد خطرو آهن. وزيرا??ظم ان حملي جي متاثرين جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ زخمين جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. ولي عهد محمد بن زيد وزيرا??ظم عمران خان پاران ڀرپور حمايت جي اظهار تي ان جو ٿورو ادا ڪندي ان المناڪ واقعي ۾ فوت ٿيندڙ پاڪستاني شهري جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو.