بيجنگ – 05 فيبروري (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير اسد عمر چيو آهي ته وزيراعظم جي دوري کانپوءِ انفارميش?? ٽيڪنا??اج??، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو. پنهنجي هڪ انٽرويو ۾ هن چيو ته چين جي دوري دوران اسان جون چيني سيڙپڪارن سان ملاقاتون ٿي رهيون آهن جيڪي پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري ۾ دلچسپي رکن ٿا. وزيراعظم پاڻ انهن جي سڌوسنئون ڳالهه ٻڌي ر??يو آهي ۽ جيڪي نقطا اهي اٿاري رهيا آهن انهن جو جواب ۽ سمورين وزارتن کي ان حوالي سان عملدرآمد جي لاءِ حڪم پڻ جاري ڪري ر??يو آهي. وزيراعظم عمران خان چيني وزيراعظم لي سان ملاقات پڻ ڪري ر??يو آهي ۽ پاڪستان جن شعبن ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ درخواست ڪري ر??يو آهي انهن تي به غور ٿيندو. چيني صدر شي جن پنگ سان آچر ڏينهن ٿيندڙ ملاقات ۾ وزيراعظم عمران خان اهي ئي نقطا اٿاريندو. اميد آهي ته هن دوري کانپوءِ انفارميش?? ٽيڪنا??اج??، زراعت ۽ صنعت جي شعبي ۾ چيني سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيندو.