اسلام آباد – 14 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان قومي اسيمبلي ميمبر حاجي خيال زمان جي لاڏاڻي تي ڏک ۽ افسوس ??و اظهار ڪيو آهي. ٽوئيٽر تي پنهنجي تعزيتي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان مرحوم جي خدمتن کي خراج عقيدت پيش ڪندي چيو ته هن قومي اسيمبلي جي هڪ اجلاس ۾ پنهنجو فيصلائتو ووٽ وجهڻ جي لاءِ سخت ??يماري جي باوجود شرڪت ڪئي. وزيراعظم مرحوم جي اي??ال ثواب لاءِ دعا ڪئي ۽ سندس گهرڀاتين سان دلي تعزيت ??و اظهار ڪيو.