اسلام آباد – 28 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي يونيورسٽين تي زور ڏنو آهي ته اهي ملڪ ۾ گريجوئيٽس ۾ اضافي ۽ آن لائين تعليم جي فروغ لاءِ پنهنج?? تعليمي نظام جي سگهه ۽ موقعن ۾ اضافو ڪن، دنيا جي وڌندڙ ضرورتن تي پورو لهڻ جي لاءِ اعليٰ تعليمي نظام ۾ آن لائين تعليم تي ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سرحد يونيورسٽي آف سائنس اينڊ انفارميشن ٽي??نا??اجي پشاور جي 14 هين ڪانووڪيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته 2030ع تائين انفارميشن ٽي??نا??اجي جي شعبي ۾ 80 ڪروڙ گريجوئيٽس جي ضرورت هوندي. پاڪستان جي لاءِ سڀني ک?? تعليم جي فراهمي، ترقي لاءِ اهميت رکي ٿي. آن لائين تعليم ان مقصد کي تيزي سان حاصل ڪرڻ جو واحد ذريعو آهي. هن مصنوعي ذهانت ۽ ڪمپيوٽنگ جي صدارتي قدم کي اهم قدم قرار ڏنو جيڪو ٽي??نا??اجي کي اختيار ڪري ملڪ ۾ تعليم، تحقيق ۽ ڪاروباري نظام جي لاءِ انقلابي ثابت ٿي سگهي ٿو. هن چيو ته پاڪستان ۾ نوجوانن جو وڏو انگ آهي جيڪو ملڪ جي لاءِ ترقي جو وڏو ذريعو ثابت ٿي سگهي ٿو. گريجوئيٽس کي معيار?? تعليم ۽ جديد مهارتن ج?? تعليم حاصل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته دنيا انساني وسيلن جي ڏس ۾ پاڪستان طرف ڏسي رهي آهي. هن عالمي مارڪيٽ ۾ وڌندڙ ضرورتن جي ڏس ۾ انهن موقعن مان فائدو کڻڻ تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان جي تازي چين جي دوري کي ترقي جي ڏس ۾ اهم قرار ڏنو. هن چيو ته زراعت، فارماسيوٽيڪل، آٽو موٽو، ٽيڪسٽائيل ۽ ا??فارميشن ٽي??نا??اجي ۾ پاڪستاني شاگردن ۽ پروفيشنلز جي لاءِ وسيع موقعا موجود آهن. پاڪستان مستحڪم ملڪ طور اڀري ره??و آهي جنهن جي مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. هن نوجوانن تي زور ڏنو ته اهي ملڪ ۾ مايوسي جي بيانن تي ڌيان نه ڏين. هن مختلف شعبن ۾ پوزيشن ماڻيندڙ گريجوئيٽس کي مبارڪباد ڏني ۽ ا??هن تي زور ڏنو ته اهي اخلاقيات، اسلامي روايتن ۽ قومي سڃاڻپ جي اصولن تي عمل ڪندي سخت محنت ڪن.