اسلام آب??د – 23 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم جي سياسي معاملن واري خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ??ه روسي سيڙپڪارن جي لاءِ پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. پي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ??ه روسي واپاري پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪري سگهن ٿا ۽ ان جي لاءِ مختلف شعبن ۾ وسيع موقعا موجود آهن. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ??ه روس توانائي جي فراهمي جي حوالي سان دنيا جو هڪ وڏو ملڪ آهي، چاهيون ٿا ??ه روس پاڪستان ۾ توانائي س??يت ٻين شعبن ۾ ڀرپور سيڙپڪاري ڪري. وزيراعظم عمران خان جي روس جي دوري تي تبصرو ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا خطي جي ترقي ?? خوشحالي جي لاءِ لازمي آهن. هڪ سوال جي جواب ۾ خاص معاون چيو ته پاڪستان روسي عملدارن سان توانائي ۽ ٻين اقتصادي شعبن تي نتيجاخيز ڳالهيون ڪندو.