اسلام آباد – 22 – مارچ (اي پي پي) قازقستان جي نائب وزيراعظم مختار تلبردي چيو آهي ته مسلمان امت جي وچ ۾ اتحاد ۽ اتفاق ۽ چئلينجز کي منهن ڏي?? جي لاءِ گڏيل حڪمت عملي وقت جي ضرورت آهي، سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي ۽ فلسطين مسئلي جو حل ضروري ??هي. قازقستان ۽ ايشيا گروپ جي نمائندي طور اسلامي تعاون تنظيم جي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي 48 هين اجلاس کي خطاب ڪندي قازقستان جي نائب وزيراعظم چيو ته او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري ڪائونسل جي اجلاس جي پاڪستان کي بهترين م??زب??ني تي مبارڪباد ڏيان ٿو. هن وقت دنيا کي عال??ي سطح تي ڪيترائي تڪرار درپيش آهن. روس يوڪرين تڪرار سان عالمي معيشت دٻاءُ جو شڪار ??هي. هن چيو ته قازقستان ڪشمير مسئلي جو سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب منصفاڻو حل چاهي ٿو، ان سان گڏوگڏ سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب فلسطين مسئلي جو پڻ منصفاڻو حل چاهي ٿو. هن چيو ته خطي جي ٻين ملڪن سان پائيدار لاڳاپا قازقستان جون ترجيحون آهن. ملڪن جو هڪ ٻئي تي دارومدار وڌي رهيو ??هي. فيڪ نيوز مذهبي ۽ نسلي نفرت جو سبب بڻجي رهي ??هي. افغانستان جي صورتحال تي اسان کي ڳڻتي ??هي. افغانستان کي انساني بنيادن تي فوري امداد جي ضرورت ??هي.