اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ڊيجيٽل ميڊيا ريگيوليٽري اٿارٽي جو ??ارو قانون ۽ ڊجيٽل ميڊيا ونگ ختم ڪيا ويا آهن، اظهار راءِ جي آزادي کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ پيڪا 2016ع تي نظرثاني ڪئي ويندي، رائيٽ آف انفارميشن ايڪٽ 2018ع کي پوري قوت سان لاڳو ڪيو ??يندو، جرنلسٽ سيفٽي اينڊ پروٽيڪشن ايڪٽ تي ج??د کان جلد عملدرآمد يقيني بڻايو ??يندو، اتحادي پارٽيون گڏجي سمورن مسئلن جو حل ڳولينديون، بيروزگاري ۽ غربت جي خاتمي لاءِ حڪمت عملي آندي ويندي، ميديا سان لاڳاپيل سمورن مسئلن کي گڏجي ويهي حل ڪيو ??يندو، اڳوڻي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي لڳائي جڏهن ته موجوده دور ۾ اهڙي طرح جو ??جهه نه ٿيندو، اڳوڻي دور ۾ صحافين کي نشانو بڻايو ??يو، ٽي وي پروگرامز به بند ڪرايا ويا، ميڊيا حڪومت جي احتساب جي عمل ۾ انتهائي اهم ڪردار ادا ڪري ٿي، ميڊيا تنقيد ضرور ڪري پر اها تنقيد براءِ تنقيد نه هجڻ گهرجي، تنقيد براءِ اصلاح جي آجيان ڪنداسين، انتقام جي سياست تي يقين نه ٿا رکون، ڪنهن بيگناهه کي ج??ل ۾ نه وڌو ويندو، انتقامي سياست جو ??و حربو استعمال نه ڪيو ??يندو جڏهن ته قانون پنهنجو رستو ضرور ٺاهيندو، حڪومتي ناڪامين جو ملبو صحافين تي نه ٿو وجهي سگهجي، اطلاعات واري وزارت جي اهم ذميواري تي پنهنجي پارٽي ج?? ٿورائتي آهيان. اهڙن خيالن جو اظهار هن پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. مريم اورنگزيب چيو ته پي آءِ ڊي ج?? پليٽ فارم تان انه?? جي چئن سالن کانپوءِ ميڊيا سان ملاقات ٿي رهي آهي. هن چيو ته منهنجي پارٽي مون تي ج??هن اعتماد جو اظهار ڪيو ۽ مون کي اطلاعات واري وزارت جي اهم ذميواري ڏني ان تي پنهنجي پارٽي ج?? ٿورائتي آهيان. هن چيو ته حڪومتي رياستي پاليسي ۾ اطلاعات واري وزارت جو اهم ڪردار آهي، گذريل چار سالن دوران ميڊيا سينسرشپ ۽ اظهار راءِ جي آزادي تي پابندي کي منهن ڏنو، ميڊيا انڊسٽري ۾ ڪيترن ئي ميڊيا ورڪرز کي نوڪرين مان ڪڍيو ??يو، ميڊيا انڊسٽري تي اظهار راءِ جي پابندي، سينسرسپ ۽ ميڊيا ورڪرز سان اڻوڻندڙ سلوڪ ڪيو ??يو، ٻارڙين کي اسڪولن مان اغوا جا واقعا ٿيا، سينيئر صحافين ابصار عالم، مطيع الله جان، حامد مير ۽ اسد طور تي فائرنگ جا واقعا ٿيا، ڪيترن ئي صحافين جا ٽي وي چينلز تي پروگرام بند ڪرايا ويا، آئون اهڙن سمورن صحافين سان يڪجهتي ج?? اظهار ڪريان ٿي. هن چيو ته اطلاعات واري وزارت صحافي?? جي حقن جو تحفظ ڪندي. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته معاشري ج?? اندر اظهار راءِ جي آزادي رهندي ته حڪومت کي سگهه ملندي، ميديا حڪومت?? جي احتساب جي عمل کي ممڪن بڻائي ٿي، ان سان حڪومت جي ڪارڪردگي ۾ اضافو ٿئي ٿو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پي ايم ڊي اي جو ??ارو قانون آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، اسان ان کي ختم ڪري ڇڏيو آهي. هن چيو ته اسان ان قانو?? جي خلاف تمام گهڻو احتجاج ڪيو. هن چيو ته پاڪستان ۾ اظهار راءِ جي آزادي هر شخص جو بنيادي حق آهي، جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي سان گڏجي ميڊيا سان لاڳاپيل مسئلا حل ڪنداسين، فيڪ نيوز تي به ڌرين سان ڳالهه ٻولهه ڪنداسين. هن چيو ته پيمرا جي هوندي ڪنهن ميڊيا اٿارٽي ج?? ضرورت نه آهي، ميڊيا سان لاڳاپيل اهم مسئلن کي گڏجي حل ڪيو ??يندو. هن چيو ته اڳوڻي دور ۾ پيڪا لاء آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وئي، اهو به رد ٿي چڪو آهي. هن چيو ته اسان پيڪا آرڊيننس 2016ع تي سمورين ڌرين سان گڏجي نظرثاني ج?? فيصلو ڪيو آهي. هن چيو ته گذريل حڪومت پيڪا قانون جو غلط استعمال ڪندي صحافي محسن بيگ کي گرفتار ڪيو، ان تي تشدد ڪيو ??يو. هن چيو ته هن قانون ۾ بهتري ج?? لاءِ اسان گڏجي ويهي ڳالهه ڪنداسين. هن چيو ته گذريل چار سالن دوران پاڪستا?? جي عوام ڌوئنس ڌمڪين، غنڊه گردي ۽ بدمعاشڊي ڏٺي، اسان گذريل چار سال معاشري ج?? اندر گهُٽن ڏٺي آهي، پارليامينٽ جا دروازا بند ڪري آرڊيننس جي ذريعي قانون سازي ڪئي وئي، ميڊيا جي زبان بندي ڪئي وئي. هن چيو ته موجوده دور نئين دور جي شروعات آهي، انتشار، گارين ۽ ڌوئنس ڌمڪيون بند ٿيڻ گهرجن، ڌوئنس ڌمڪي?? جي سياست نه هلندي. هن چيو ته اسان سڀني کي گڏجي معاشري کي افراتفري ج??ڙي صورتحال مان ٻاهر ڪڍڻو پوندو، اهو اسان جو اولين فرض آهي. هن چيو ته ڪنهن بيگناهه کي ج??ل ۾ نه وڌو ويندو، اسان ڪنهن سياسي مخالف جي خلاف بدبودار احتساب جي روايت نه وجهنداسين، جن ماڻهن پاڪستا?? جي عوام کي بنيادي ضرورتن کان محروم رکيو ۽ اختيارن جو غلط استعمال ڪيو، انه?? جي لاءِ قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. هن چيو ته رائيٽ ٽو انفارميشن ايڪٽ اسا?? جي گذريل دور ۾ منظور ٿيو ??و، ان کي ڀرپور طريقي سان لاڳو ڪيو ??يندو. مريم اورنگزيب چيو ته جنهن وقت نواز شريف وزيراعظم هو، ان وقت پاناما ليڪس جي حوالي سان ٽاڪ شوز ٿيندا هئا، پيمرا ڪنهن کي هڪ به نوٽيس جاري نه ڪيو ??و، 10 سال شهباز شريف پنجاب جو وڏو وزير رهيو، ميڊيا تي ڪا پابندي نه لڳائي وئي. هن چيو ته اها تنقيد جيڪا اسا?? جي رهنمائي ج?? لاءِ هجي، اسان ميڊيا جي رهنمائي سان عوام جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪنداسين. هڪ سوال جي ج??اب ۾ هن چيو ته سوشل ميڊيا تي ادار?? جي خلاف مهم تي ڪارروائي شروع ٿي چڪي آهي، روبوٽڪ ٽوئيٽس جي ذريعي قومي ادار?? جي خلاف مهم هلائي وئي، ادارن ۽ سينيئر صحافي?? جي خلاف سوشل ميديا تي مهم کي برداشت نه ڪيو ??يندو. هن چيو ته وزيراعظم آءِ جي صاحب کي هدايت ڪئي آهي ته صحافين کي هر ممڪن تحفظ فراهم ڪيو ??ڃي. مريم اورنگزيب چيو ته جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي اختيارن جو ناجائز استعمال ڪندي غلط ڪم ڪيو آهي، و قانون پنهنجو رستو پاڻ ٺاهيندو. هڪ ٻئي سوال تي هن چيو ته پاڪستا?? جي عوام ڏسي رهي آهي ته پنجاب ۾ آئيني عهدي جو ??هڙي طرح سياسي استعمال ڪيو ??يو ??ڃي، پنجاب جي گورنر ۾ حوصلو ئي نه آهي ته هو حمزه شهباز شريف کان حلف وٺي سگهي، پنجاب جي گورنر کي آئيني طريقي سان عهدي تان هٽايو ??يو. مريم اورنگزيب چيو ته صدر پاڪستان وساري چڪو آهي ته هو تحريڪ انصاف جو صدر نه آهي پر پاڪستان جو صدر آهي، صدر پاڪستان پنهنجي حلف جي پاسداري نه ٿو ڪري سگهي ته استعيفيٰ ڏئي ڇڏي. اڳوڻي دور ۾ ڊيجيٽل ميڊيا ونگ جي حوالي سان سوال تي هن چيو ته اختيار?? جي ناجائز استعمال، عيرقانوني مقررين ۽ منصوبن تي ايڪشن ورتو ويندو، اڳوڻي دور ۾ قائم ڪيل ڊيجيٽل ميڊيا ونگ کي ختم ڪيو ??يو آهي، ڊجيٽل ميڊيا ونگ جي ذريعي ادارن، صحافين ۽ اپوزيش?? جي خلاف وٽ ٽوئيٽس ڪيا ويندا هئا، اطلاعات واري وزارت ۾ سائبر ونگ موجود آهي ج??ڪو قانون موجب ڪم ڪري رهيو آهي، اڳوڻي حڪومت ڊيجيٽل ميڊيا ونگ ۾ پنهنجي پارٽي ج?? ماڻهن کي ڀرتي ڪيو، جڏهن اسان حڪومت ۾ آياسين ته هتان ماڻهو ڀچي ويا، هڪ ٻه ماڻهو جيڪي ريگيولر هئا، اهي سائبر ونگ ۾ واپس هليا ويا آهن. هڪ سوال تي هن چيو ته چونڊون پاڪستا?? جي عوام جو جمهوري حق ۽ جمهوريت جي روح آهن، 2018ع جي چونڊن ۾ جيڪو ڪجهه ٿيو ان جو نتيجو پاڪستا?? جي عوام کي ڀوڳڻو پيو. هن چيو ته هن وقت حڪومت ۾ جيڪي اتحادي پارٽيون شامل آهن، ملڪ جي لاءِ انهن جون اڻٿڪ خدمتون آهن، پاڪستا?? جي عوام چار سال جنهن عذاب مان گ??ري آهي، اسا?? جي ڪوشش آهي ته انهن کي ريليف فراهم ڪيو ??ڃي. هن چيو ته چار سال ناڪام رهندڙن سدائين ڪوڙ ڳالهايو، بدبودار احتساب ۽ انتقام ورتو، اڄ اهي سازش جي ڳالهه ان لاءِ ڪري رهيا آهن ته عوام انهن کان هڪ ڪروڙ نوڪرين ۽ 50 لک گهرن جو سوال نه ڪري. هن چيو ته پاڪستا?? جي عوام سوال به ڪندي ۽ انهن کي ج??اب به ڏيڻو پوندو.