اسلام آباد – پهرين جون (ا?? پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب سان چين جي سفير نونگ رونگ ملاقات ڪئي جنهن ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، ٻه طرفي تعاون سميت ٻين معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ملاقات جي دوران چين ۽ پاڪستان جي وچ ?? سفارتي لاڳاپن جا 70 س??ل مڪمل ٿيڻ تي ٻنهي شخصيتن ۾ مبارڪباد جي مٽاسٽا ٿي، اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پاڪستان ۽ چين جا گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن جيڪي سدائين مشڪل وقتن ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيندو آهي، شاهراه قراقرم اسان جي مضبوط دوستاڻي لاڳاپن جو ثبوت آهي، پاڪستان جي عوام جي پاڪ چين دوستي بابت بهترين خيال ر??ي ٿي ۽ ان دوستي کي اعليٰ سطح تي برقرار رکيو آهي.