اسلام آباد – 30 آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته بنيادي حقن، معاشرتي معاملن ۽ ماحولياتي تحفظ جي حوالي سان اسلام حدون تعين ڪري ڇڏيون آهن، انهي تعليم کي عام ڪرڻ لا??ِ مسجد ۽ منبر جو ڪردار تمام اهم آهي، مديني جي رياست جي طرز تي معاشري جو قيام اسان جو خواب ۽ نبي اڪرم ﷺ جي سيرت اسان جي لا??ِ مشعل راهه آهي، اسان کي ويڇن بدران اتحاد ۽ اتفاق کي فروغ ڏيڻ گهرجي، فرانسيسي صدر جو رويو مذمت جي قابل ۽ ري??ست?? سطح تي توهين آميز مواد جي ڇپائي جي حوصلا افزائي افسوسناڪ آهي، عالمي سطح تي مذهبن جي احترام جي حوالي سان قانونسازي جي ضرورت آهي، اهڙن خيالن جو اظهار هن هتي عي?? ميلاد النبي صه جي مناسبت سان قومي رحمت العالمين ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.