اسلام آباد-28 نومبر (اي پي پي) حج 2025ع لاءِ درخواستن سميت بقايائون جمع ڪرائڻ لاءِ ڄاڻايل بئنڪن جون برانچون ڇنڇر ۽ آچر تي کليل رهنديون. اسٽيٽ بئنڪ طرفان جاري بيان موجب اسٽيٽ بئنڪ ڀلي پار ويندڙن کي حج 2025ع جو درخواست فارم ۽ بقايا رقم جمع ڪرائڻ ۾ سهولت ڏيڻ خاطر مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي جي درخواست تي 15 ڄاڻايل بئنڪن کي هدايت ڪئي آهي ته ??هي سڄي ملڪ ۾ پنهنجون لاڳاپيل برانچون 30 نومبر ۽ پهرين ڊسمبر تي صبح 9 وڳي کان اڍائي وڳي تائين کولي رکن. ان کان اڳ حج پاليسيءَ جي حوالي سان مذهبي معاملن واري وزارت ۽ بين المذاهب هم آهنگي 15 بئنڪن يعني نيشنل بئنڪ آف پاڪستان، حبيب بئنڪ، يونائيٽيڊ بئنڪ، ايم سي بي، ال??ئيڊ بئنڪ، بئنڪ آف پنجاب، ??ئنڪ الفلاح، زرعي ترقياتي بئنڪ، ف??صل بئنڪ، عسڪري بئنڪ، بئنڪ ال??بيب، ??بيب ميٽرو پوليٽن بئنڪ، سنهري بئنڪ، ميزان بئنڪ ۽ بئنڪ اسلامي کي اجازت ڏني هئي ته ??هي حج 2025ع لاءِ سڄي ملڪ ۾ ڀلي ويندڙن کان درخواست فارم بقايائن سميت رقم 18 نومبر کان 3 ڊسمبر تائين وصول ڪري سگهن ٿا.