اسلام آباد – 20 نومبر (اي پي پي) نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر (اين سي او سي) ڪورونا وائرس جي حوالي سان تازا انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن. اين سي او سي پ??ران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪورونا جي 2 هزار 738 مريضن جا ٽيسٽ مثبت آيا ۽ 36 ماڻهو ان وائرس سبب فوت ٿيا. گذريل 24 ڪلاڪن ??وران ڪووڊ – 19 جا 42 هزار 909 ٽيسٽ ڪيا ويا، جنهن مان سنڌ ۾ 14 هز??ر 470، پنجاب ۾ 16 هزار 297، خيبرپختونخوا ۾ 4 هزار 296، اسلام آباد ۾ 6 هزار 153، بلوچستان ۾ 704 ، گلگت بلتستان ۾ 198، آزاد ڪشمير ۾ 818 ٽيسٽ شامل آهن. هن وقت تائين سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو تعداد 3 لک 27 هزار 542 ٿي چڪو آهي، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪووڊ 19 جو ڪو به مريض هن وقت وي??ٽيلٽرز تي نه آهي، جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ – 19 جي لاءِ مختص ڪيل هڪ هزار 793 وي??ٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جا 230 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪووڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسن جو تعداد 33 هزار 562 آهي.