اسلام آباد ??? 27 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد ۾ اح??اس ڪفالت ادائيگي سينٽر جو دورو ڪيو جنهن ۾ اڄ کان 70 لک مستحقين کي ادائيگي شروع ڪئي ويندي. خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر وزيراعظم کي ادائيگين جي معيار کي بهتر بڻائڻ ۽ سائبر حملن جي خلاف تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو. وزيراعظم کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته هن ڀيري عورتن جي بئنڪن تائين پهچ ۽ اي ٽي ايم مان رقم ج?? وصولي پڻ يقيني بڻائي وئي آهي. اح??اس ادائيگي نظام کي وصول ڪندڙن جي لاءِ مفيد ۽ آسان بڻائڻ جي لاءِ بايو ميٽرڪ اي ٽي ايم مان رقم ج?? وصولي جو آپشن پهريون ڀيرو متعارف ڪرايو پيو وڃي.