اسلام آباد – 17 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي ??زير شاهه محمود قريشي اعلان ڪيو آهي ته پرڏيهي ??زارت ۾ هڪ ڪشمير سيل قائم ڪيو پيو وڃي، اسان فيص??و ڪيو آهي ته اهم گادي وارن شهرن ۾ پاڪستاني سفارتخانن ۾ هڪ فوڪل پرسن مقرر ڪيو ويندو، ڪشمير بابت وزيراعظم جي خاص ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ سمورين جماعتن جي نمائندگي هئي، يڪجهتيءَ جو پيغام اسان مظفر آباد ۾ ڏنو، اهو ئي پيغام ان ڪميٽيءَ جي اجلاس ۾ ڏنو ويو آهي. گذريل ڏينهن ڪشمير مسئلي کي سڀ کان وڏي فورم تي اُٿاريو ويو جتي ڪشمير جي حوالي سان 11 ٺهراءَ موجود آهن. اهڙو اظهار هن ڇنڇر ڏينهن پرڏيهي ??زارت ۾ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو، جنهن ۾ سڌ سماء?? بابت وزيراعظم جي معاون ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ، ڪشمير بابت پارلياماني ڪميٽيءَ جو چيئرمين سيد فخر امام ۽ پاڪ فوج جي سڌ سماءَ واري شعبي آءِ ايس پي آر جي ڊائريڪٽر جنرل ميجر جنرل آصف غفور به شرڪت ڪئي.