لاهور – 03 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چي?? آهي ته معاشي ت??قي جي لاءِ ٽيڪس نظام ۾ سڌارا ضروري آهن، ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏيند?? آهي، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جمع ٿيند?? آهي، آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽيڪس چوري ڪئي، ٽيڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقلي ڪئي وئي، وزيراعظم عمران خان ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي حوالي سان آواز بلند ڪيو، نظام جي ت??ديلي لاءِ احتساب ضروري آهي، اسلامي ت??ريخ ۾ خلفاءِ راشدين احتساب جي لاءِ پاڻ کي پيش ڪيو، ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌ کان وڌ سهولت فراهم ڪيون وڃن. هن ا??ڙن خيالن جو اظهار ٽيڪس نظام جي حوالي سان گورنر هائوس ۾ منعقد آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر ڊاڪٽر عارف ع??وي چيو ته ملڪي ت??قي جي لاءِ ٽيڪس ڏيڻ ضروري آهي، ٽيڪس چوري سان ملڪي معيشت متاثر ٿيندي آهي، بدقسمتي سان پاڪستان ۾ تمام گهٽ شهري ٽيڪس ادا ڪندا آهن، واڌ جي شرح جي حساب سان ملڪ ۾ صرف 9 سيڪڙو ٽيڪس جمع ٿيند?? آهي، هن چيو ته ماضي ۾ آف شور ڪمپنين جي ذريعي خاص طبقي ٽيڪس چوري ڪئي ۽ ٽيڪس چوري جي رقم سوئس بئنڪن ۽ يورپ ڏانهن منتقل ڪئي وئي جنهن سان ملڪ قرضن هيٺ دٻجي ويو، ملڪ ۾ تبديلي آڻڻي آهي ته هر شهري کي ذميداري جو احساس ڪندي ٽيڪس ادا ڪرڻو پوند?? آهي ڇو ته ترقي يافته ملڪن ۾ هر شهري ٽيڪس ڏيند?? آهي، صدر چيو ته ٽيڪس جي رقم ملڪ ۽ قوم جي ت??قي جي لاءِ خرچ ٿيڻ گهرجي ۽ ٽيڪس ڏيندڙن کي وڌ کان وڌ سهولتون فراهم ڪيون وڃن. هن چيو ته سرڪاري ڪم ۾ دير سان رشوت کي فروغ حاصل ٿيند?? آهي جنهن سان ڪرپشن وڌي ويندي آهي، هن وڌيڪ چيو ته ايوان صدر ۾ روزاني جي بنياد ۽ ميرٽ تي فائل ورڪ اڪلايو ويند?? آهي، صدر چيو ته حڪومت جڏهن به ٽيڪس نظام ۾ سڌارا آڻڻ جي ڪوشش ڪندي آهي ته سڀ کان پهرين واپاري برادري پاران خدشن جو اظهار ڪيو ويند?? آهي جيڪا افسوس جي ڳالهه آهي، قوم جي حيثيت سان ملڪي ت??قي جي لاءِ خوشي سان اسان کي ٽيڪس نيٽ ۾ اچڻ گهرجي، ٽيڪس وڌيڪ وٺڻ تي بحث ته ڪري سگهجي ٿي، پر ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ جي لاءِ ڪو به بحث نٿو ٿئي، صدر چيو ته ٽيڪس کي حاصل ڪرڻ به ملڪ جي معاشي ت??قي لاءِ ريڙهه جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو، عوام کان ٽيڪس وصول ڪرڻ لاءِ اسان کي هڪ اعتماد جي فضا قائم ڪرڻ جي ضرورت ??هي، ان سلسلي ۾ وفاقي محتسب ۽ ايف بي آر گڏجي عوام جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۽ ڪرپشن روڪڻ جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪن. هن چيو ته اڄ جي دور ۾ ڪم جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال لازمي آهي، اها هڪ حقيقت آهي ته ادارن ۾ هروڀرو جي رڪاوٽن جي ڪري ماڻهو ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ کان پاسو ڪندا آهن ا??ي سمجهن ٿا ته جيڪڏهن سان ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿي وياسين ته اسان کي هروڀرو پريشان ڪيو ويندو ان خوف کي ختم ڪرڻ جي ضرورت ??هي جنهن جي لاءِ اداره جاتي سڌارا به آڻڻا پوندا. هن وڌيڪ چيو ته ترقي ياته ملڪن ۾ قرضن کي حاصل ڪرڻ، ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ٿيڻ ۽ ٽيڪس جي ادائيگي لاءِ ماڻهن کي آفيسن جا چڪر لڳائڻا نٿا پون جنهن جي ڪري اهي خوشي سان ٽيڪس جي ادائيگي ڪندا آهن، اسان کي به ان مادل کي اختيار ڪرڻو پوندو ۽ عوام کي ان ڳالهه جو يقين ڏيارڻو پوندو ته انهن جو ٽيڪس ملڪي ت??قي لاءِ خرچ ٿيندو. صدر عارف ع??وي چيو ته ماضي ۾ پاڪستان سميت اسرندڙ ملڪن کان ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي رقم ترقي يافته ملڪن ڏانهن منتقلي ڪئي وئي جنهن سان ا??هن ملڪن جي معيشت ته مستحڪم ٿي وئي پر اسرندڙ ملڪن قرضن هيٺان دٻجي ويا، عمران خان پهريون وزيراعظم آهي جنهن ٽيڪس چوري ۽ مني لانڊرنگ جي خلاف مختلف عالمي فورمن تي آواز بند ڪيو.