اسلام آباد – 06 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ماضي جي ڪنهن ح??وم?? ماحولياتي تبديلين جي حوالي سان ڳڻتي ظاهر نه ڪئي، پهرين ح??وم?? آهي جنهن ماحولياتي تبديلين جي روڪٿام لاءِ ٺوس قدم کنيا آهن، شهرن جي پکيڙڻ بدران اسان گهڻ ماڙ عمارتن جي تعمير ڏانهن وينداسين، ح??وم?? ۾ اچڻ اڳ منهنجو اهو عزم هو ته اقتدار ۾ اچي ماحولياتي تبديلي اولين ترجيح هوندي، اه?? ئي سبب آهي جو خيبرپختونخوا ۾ 2013ع ۾ ح??وم?? ۾ اچڻ کانپوءِ اسان بلين ٽري منصوبو شروع ڪيو، ان منصوبي جي آغاز دوران معلوم ٿيو ته ٽمبر مافيا هڪ وڏو مسئلو آهي جنهن تي ڪا به جهل پل نه آهي، 10 گارڊ ان مافيا جي هٿان ماريا ويا، گذريل 10 سالن ۾ لاهور ۾ 70 سيڪڙو وڻ وڍيا ويا، اه?? ئي سبب آهي جو لاهور آلوده تر??ن شهر آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن اسلام آباد ۾ ٽن ڏينهن واري ستين ايشيائي علائقائي ڪنزرويشن ڪانفرنس جي افتتاحي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو.