جنيوا – 17 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان والاريل ڪشمير جي صورتحال ۽ ڀارت ۾ تڪراري شهريت بل جي منظوري جو نوٽيس و??ڻ جي اپيل ڪندي چيو آهي ته دنيا ڄاڻي وٺي ته ڀارت ۾ پناهگيرن جو هڪ و??و بحران جنم وٺي رهيو آهي، 5 آگسٽ کان والاريل ڪشمير جي 80 لک عوام قيد آهي، ڄاڻي واڻي مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پناهگيرن بابت ??المي فورم کي خطاب ڪندي ڪيو، وزيراعظم چيو ته پناهگيرن بابت پهرين عالمي فورم جي انعقاد تي خوشي ٿي.